خان آف قلات

خان آف قلات: قلات رياست جي سربراهه کي ’خان آف قلات‘ چيو ويندو هو. قلات هن وقت پاڪستان جو حصو آهي، جنهن ۾ ساراوان، جهالاوان، ڪڇي، لسٻيلو، مڪران ۽ ٻيا علائقا شامل هئا. قلات جي تاريخ تمام پراڻي آهي. پندرهين صدي عيسويءَ ۾ قلات بروهين جي قبضي هيٺ رهيو. سورهين صدي عيسويءَ ۾ قلات مغليه سلطنت جو حصو بڻيو، ان کان پوءِ احمد زئين قلات کي پنهنجو مرڪزي هنڌ بڻايو. 1839ع ۾ انگريزن هن خطي تي قبضو ڪيو ۽ اڳتي هلي هنن 1876ع ۾ قلات جي خان کي شاهي رياست جو هڪ ڪنفيڊريسي اڳواڻ تسليم ڪيو.
جڏهن برطانوي راڄ جو خاتمو ٿيو ۽ پاڪستان هڪ آزاد ملڪ جي حيثيت ورتي ته قلات رياست جو پاڪستان سان الحاق ٿيو. رياست جي خان احمد يار خان، قائداعظم سان تحريڪ پاڪستان ۾ به ساٿ ڏنو هو. 14 آڪٽوبر 1955ع تي قلات جي رياستي حيثيت ختم ڪري، ان کي پاڪستان ۾ شامل ڪيو ويو، جنهن تي خان آف قلات، احمد يار خان شديد ردعمل ڏيکاري بغاوت ڪئي. حڪومت سندس بغاوت کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ کيس ساٿين سميت جيل ۾ وڌو. ان معاملي تي وڏو ردعمل ٿيو، پر حڪومت پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي وئي. ان کان پوءِ احمد يار خان سان ڳالهيون ڪري کيس بلوچستان حڪومت ۾ شامل ڪيو ويو هو. 5 جولاءِ 1977ع تي مارشل لا لاڳو ٿيڻ تائين هو بلوچستان جو گورنر رهيو. ابتدا کان وٺي هن وقت تائين جيڪي ’خان آف قلات‘ رهيا، تن جو تفصيل هن ريت آهي:
ميـر احـمـد اول (67-1666ع)، ميـر محراب (96-1695ع)، سمندر خـان
(1713-1697ع)، مير احمد ثاني (14-1713ع)، مير عبدالله (1730-1715ع)، مير محبت (1749-1730ع)، محمد نصير خان اول پٽ عبدالله (1794-1749ع)، مـحــمــد خــان اول (1831-1794ع)، مـحــراب خـان ثـانـي (1839-1831ع)، شاهنواز خان (40-1839ع)، نصير خان ثاني پٽ نصير خان اول (1857-1840ع، خداداد خان (1863-1857ع)، شير دل خان (64-1863ع)، خداداد خان (ٻيو ڀيرو: 1893-1864ع)، محمد خان ثاني (1931-1893ع)، محمد اعظم جان خان (33-1831ع)، احمد يار خان (1955-1933ع) ۽ احمد يار خان (ٻيو ڀيرو: 20 جون 1958ع) شامل آهن.
هن وقت مير سليمان دائود، خان آف قلات آهي.


لفظ خان آف قلاتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو